جلال ڪوري

جلال ڪوري

جلال ڪوري

جلال ڪوري: شاعر جلال ڪوريءَ جو پورو نالو جلال الدين ولد جيئرو ڪوري آهي. هن ڳوٺ عالم پلي، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾، 13 جون 1961ع تي جنم ورتو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي نور محمد پليءَ مان حاصل ڪـئي ۽ مئٽرڪ گورنميـنٽ هاءِ اسڪـول ڍوري ناري مان ڪئي. هن ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايم. ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي.

نامور اديب معمور يوسفاڻيءَ ۽ حڪيم مجيد ’ماجد‘ اهرويءَ جي صحبت ۾، اسڪولي زندگيءَ ۾ ئي علم ادب سان دلچسپي پيدا ٿيس. شاعريءَ جي شروعات 1980ع کان ڪيائين. هي نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ وائي ۽ نظم جو بهترين شاعر آهي. حليم باغي، مير حسن آريسر، اقبال رند، مظهر لغاري، ايوب کوسو ۽ جلال ڪوري ٿر جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ سٺو مقام رکن ٿا. شاعريءَ جو هڪ مجموعو ترتيب ڏئي چڪو آهي. سندس تصنيفن ۾ هڪ ڪتاب: ’پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا‘ (انور راڄڙ جي شخصيت: ترتيب-2000) شامل آهي. ڪلاسيڪي شاعر صوفي صادق سومري جي ڪلام کي نئين سر ترتيب ڏئي چڪو آهي، جيڪو صوفي صادق اڪيڊميءَ پاران جلد ڇپجڻ وارو آهي. ان کانسواءِ سندس ٻه ڪتاب: ’لاهوتي لڏي ويا- خان محمد مڱريو'>حاجي خان محمد مڱريو: شخصيت‘ ۽ ’سيرت پاڪ‘ (ترجمو) ڇپائيءَ هيٺ آهن.

ان کان سواءِ هن ڪيترا ادبي، تاريخي ۽ تنقيدي مقالا پڻ لکيا آهن. جلال ڪوري عمرڪوٽ تعلقي جي ڪيترن ئي اسڪولن جهڙوڪ: جالوءَ جي چونئري، ولي محمد آرائين، عالم پلي، ڍوري ناري، حاجي دائم بروهي، قاضي نور محمد پلي ۽ جلال الدين ڪوري پرائمري اسڪول ۾ ڪٿي هيڊماستر ۽ ڪٿي نائب ماستر طور پڙهائي چڪو آهي ۽ هن وقت سپروائيزر پرائمري اسڪولس، يو. سي ڍورونارو آهي.





لفظ جلال ڪوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.06.13  عيسوي

جلال ڪوري: شاعر جلال ڪوريءَ جو پورو نالو جلال الدين ولد جيئرو ڪوري آهي . هن ڳوٺ عالم پلي ، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ، 13 جون 1961ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لياقت علي جتوئي
خان عبدالغفار خان
ظهير مهدي
حسين علي حسين مرزا
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر
علي احمد قريشي
جيانتي ڪرپلاڻي
عبدالله ميمڻ خليفو
سنت بابا هريرام
زوار بسنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون